Wusatullah Khan's satirical comments on Pakistan's National Policy on Terorrism

Wusatullah Khan - Photo courtesy daily Awami Awaz
Prominent Pakistani journalist Wusatullah Khan has said on BBC Radio - Urdu in his satirical analysis of Prime Minister Nawaz Sharif's announcement on the proposed National Policy of Pakistan on Terrorism that a few thousands more would be killed, along with a large number would be abducted and tortured, and their defaced bodies would be thrown away on the roadsides of Balochistan and elsewhere until the policy is devised by the end of the August. He said that Chief Justice of Pakistan has taken sou moto notice of terrorism in Balochistan, which would give similar results like his previous sou moto notices taken on the issue of violence and terrorism Karachi. Read bellow Sindhi translation of his comments with the courtesy of daily Awami Awaz. 
جڏهن ٻه- اڍائي هزار ماڻهو لاش بڻجي چڪا هوندا تڏهن ئي دهشت گردي خلاف قومي پاليسي جڙي ويندي. آخرڪار تڪڙ ڪهڙي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وڏو ڀلو ڪم ڪيو آهي جو بلوچستان ۾ ماڻهو مارجڻ جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، 15 آگسٽ تي بلوچستان جي گادي واري شهر ۾ عدالت لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته جيستائين معاملو عدالتي ٻڌڻي هيٺ هوندو، بي ايل اي پنجابين کي بسن مان لاهي مارڻ بند ڪري ڇڏيندي. تنظيم دفاع بلوچستان جا پگهاردار رضاڪار آزادي پسند بلوچن کي اغوا ڪري ايجنسين حوالي ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. جهنگن ۽ ويران رستن تان تشدد ٿيل لاش ڦٽو ڪرڻ جو رجحان به معطل ٿي ويندو ۽ جيستائين عدالتي عمل جاري رهندو، تيسين گم ڪيلن کي فقط ٽنگ ۾ گولي هڻي ويران علائقن ۾ ڇڏيو ويندو. جيئن اهي ”پاڻمرادو“ گهر پهچي سگهن. بي بي سي لاءِ لکيل پنهنجي تجزئي ۾ وسعت الله خان سپريم ڪورٽ طرفان بلوچستان صورتحال تي ورتل نوٽيس بابت وڌيڪ لکيو آهي ته، سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ بعد هاڻي اميد ڪئي ٿي وڃي ته، ٻڌڻي جي احترام طور لشڪر جهنگوي وارا شيعا زيارتين جي بسن تي فقط هوائي فائرنگ ڪري کين ڊيڄاريندا. گول چهرن وارن هزاري والن کي به فقط چتائي ڏسڻ تائين محدود رهندا. شاگردياڻين جي بسن جي سيٽن هيٺان بم بجاءِ رنگ ڇڏيندڙ ڦٽاڪا رکندا. خودڪش جيڪٽن ۾ آلو بارود رکيو ويندو. جيئن ماڻهو مري نه پون. اها به خبر نه آهي ته ڪنهن، ڪنهن کي عدالتي سمن ويا آهن پر بلوچستان جي وڏي وزير کي اهڙا سمن ضرور وڃڻ گهرن. ڇو ته اهو صوبي جو علامتي انتظامي سربراهه آهي. پر هو به سمن جو ڇا ڪندو؟ هن غريب وٽ ته پنهنجي ڪابينا به نه آهي. جنهن قلم سان هو صحيح ڪري ٿو اهو به ”ميڊ ان لاهور“ آهي ته ان ۾ پوندڙ مس به ”ميڊ ان پنڊي“ ٻڌو آهي ته 30 آگسٽ تائين اها پاليسي هلندي رهندي. پوءِ فوج بصر ڪٽيندي. عمران خان ڌاڻا ڪٽيندو، مولانا فضل الرحمان رائٽو ٺاهيندو ۽ پيپلزپارٽي چکڻ بعد ”ها يا نه“ وارو سر ملائيندي ۽ جيستائين ٻه، اڍائي هزار ماڻهو لاش بڻجي چڪا هوندا. تيستائين دهشت گردي خلاف وڌجندڙ قومي پاليسي جو ”دم پڪو“ ٿي ويندو. آخر جلدي ڪهڙي ڳالهه جي اهي. آخرڪار، سپريم ڪورت ڪراچي جي بدتر صورتحال جو به هڪ کان وڌيڪ ڀيرا نوٽيس وٺي چڪي آهي
  روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان

 
Rights & Movements © 2012 | Designed by Plantillas Blogger | Distributed by: best blogger templates for fashion free joomla blog template 1.7 | best vpn client for windows 7 64 cheap linux vps